روشنيءَ جون رمزون

روشنيءَ جون رمزون

روشنيءَ جون رمزون

روشنيءَ جون رمزون (ڪتاب): هي ڪتاب سيد ارشاد علي شاهه ’ارشاد‘ جو لکيل آهي، جيڪو مختلف عدالتي عهدن تي رهڻ کان پوءِ، هن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمئن آهي. هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ علم نجوم بابت هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ علم نجوم، ستارن (Stars)، چنڊ، ڪهڪشائن جي چرپر ۽ اثرن، بُرجن ۽ انهن جي درجن، ڪواڪب جي علوي ۽ سفلي حالتن جي شرح، مفاصلي، حجم، مواصلي، رفتار ۽ مختلف برجن ۾ انهن جي حالت وغيره جو بيان، سيارن جي اڀرڻ ۽ لهڻ بابت قرآن، مختلف الهامي ڪتابن، نظرين ۽ سائنس جي حوالي سان تفصيلي نتيجا ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ علم نجوم جي اصطلاحن جي تشريح ۽ توضيح، بليڪ هولن، نيوٽران تارن ۽ سُپر نووا جي تذڪري سان گڏ علم هئيت جي مڙني رُخن تي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ليکڪ انسان جي ڀلائيءَ ۽ انسانيت جي بقا واري مثبت خيال کي سامهون رکي هي ڪتاب لکيو آهي.
هي ڪتاب 11 بابن ۾ ورهايل آهي، پهرين باب جي ٻن فصلن ۾ علم نجوم ۽ ان جي تاريخ بابت لکيو ويو آهي. ٻئي باب جي ڏهن فصلن ۾ برجن جي وقت حصن، ماپ، برجن جي عنصرن تي اثر، برجن جي مزاج ۽ طبيعت تي اثر، انهن جي روحاني تقسيم ۽ برجن جو انساني جسم تي اثر وغيره جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٽئين باب جي ٻن فصلن ۾ ٻارهن برجن ۽ سندن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿين باب جي 11 فصلن ۾ ڪواڪب (ستان) جي شين تي اثر، دوستيءَ ۽ دشمني، سعادت ۽ نحوست، اڀرڻ ۽ لهڻ جي ذڪر سان گڏ، چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ جي اثرن تي روشني وڌي وئي آهي. باب چوٿين جي ٻن فصلن ۾ سج (شمس) جي ساعتن ۽ ٻين ستارن سان لاڳاپن جو ذڪر ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو